بلوچستان جي علائقي خاران ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل چئن پورهيتن جا مڙهه اوٻاوڙي ويجهو مٽي ماءَ حوالي ڪيا ويا

obaro qatal

بلوچستان جي علائقي خاران ۾ گذريل ڏينهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل چئن پورهيتن جا مڙهه اوٻاوڙي ويجهو مٽي ماءَ حوالي ڪيا ويا.

مقتول پورهيت سهراب سولنگي، سجاد سولنگي ۽ نياز سولنگي جي جنازي نماز ڳوٺ ڪامل سولنگي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد کين سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مقتول پورهيت مشتاق مزاري کي ڳوٺ شهمير مزاري ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، علائقي جو ڪو به چونڊيل نمائندو مقتول پورهيتن جي تڏي تي ناهي پهتو.

گذريل ڏينهن بلوچستان جي علائقي خاران ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري چئن پورهيتن کي قتل ڪيو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*