وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ چين جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي

pm

وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ چين جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي، اقتصادي راهداري منصوبي سان علائقي ۾ واپاري سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي ۽ عوام خوشحال ٿيندو.

چين جي قومي مشاورتي وفد اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظمم نوازشريف چيو ته 2015ع ۾ چيني صدر جي دوري سان پاڪ چين لاڳاپن جي نئين سر شروعات ٿي.

سندس چوڻ هو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري سان علائقي واپاري ۾ سرگرمين ۾ واڌارو ايندو، جنهن جي نتيجي ۾  خوشحالي ايندي ۽ خطي جا لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا.

وزيراعظم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ چيني سهڪار جي آجيان ڪندي چيو ته  هڪ روڊ  ۽ هڪ خطي بابت فورم  ۾ شرڪت لاءِ پاڻ چين ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*