ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير جي سهولتڪاري ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ايس ايس پي ملير کي فاروق ستار ۽ عامر خان کي گرفتار ڪري
ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙ ڏياريندڙ تقرير جي سهولتڪاري ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ايس ايس پي ملير کي فاروق ستار ۽ عامر خان کي گرفتار ڪري 21 اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي.
اي ٽي سي ڪراچي ۾ ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم اڳواڻ گلفراز خٽڪ، شاهد پاشا، قمر منصور سميت 50 ڪارڪن عدالت ۾ پيش ڪيا ويا.
عدالت چيو آهي ته مفرور جوابدار روزاني ٽي وي تي نظر اچن ٿا پر پوليس کي نه ملي رهيا آهن.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فاروق ستار ۽ عامر خان بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي ته فاروق ستار ۽ عامر خان مفرور بڻيل آهن.
عدالت چيو ته مفرور جوابدار روز ٽي وي تي اچن ٿا پوليس کي ڇو نٿا ملن؟
عدالت ايس ايس پي ملير کي جوابدارن فاروق ستار ۽ عامر خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 21 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.