پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته اسلامتي فوجي اتحاد ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي

Nafees zakriya

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته اسلامتي فوجي اتحاد ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي حمايت ڪري رهيو آهي، ڪشمير تڪرار جي حل سان پاڪ – ڀارت لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ آمريڪا سميت گڏيل قومن جي ٽياڪڙيءَ جي آجيان ڪندو.

سندس چوڻ هو ته هو پارا چنار ۽ لاهور دهشتگردي جي حملن جي مذمت ڪن ٿا، دهشتگردن کي شڪست نصيب ٿيندي.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي، عالمي برادري نوٽيس وٺي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته هو والاريل ڪشمير جي سول سوسائيٽي کي خراج پيش ڪن ٿا، پاڪستاني ميڊيا ڀارتي ظلمن کي دنيا آڏو ظاهر ڪيو.

هن چيو ته گذريل هفتي ڪيترن ئي ملڪن سياسي ۽ وپاري وفدن  پاڪستان جو دورو ڪيو، انهن دورن سان پاڪستان ۽ عالمي برادري سان لاڳاپن کي هٿي ملندي.

هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ ترسيل ۽ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي ويزجي واڌ جي حوالي سان ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، پاڪستان ان حوالي سان افغانستان کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته واپار ۽ ٻين قانوني مقصدن لاءِ ويزا رکندڙ افغان شهرين کي ڏيهه اچڻ جي اجازت آهي. پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته اسلامي فوجي اتحاد دهشتگردي جي خلاف آهي، هن اتحاد سان ڪنهن به ملڪ خلاف نه آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گڏيل اعتماد ۽ مفادن تي ٻڌل آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي پراڪسي وار جي خلاف آهي، ڀارت پاڪستان تي دهشتگردي جا الزام لڳائي پنهنجي دهشتگردي لڪائي نه ٿو سگهي.

نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا ڪشمير مسئلي جي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل سان ئي بهتر ٿي سگهن ٿا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*