سنڌ هائيڪورٽ سنڌ حڪومت جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي

Sindh-High-Court-17117

سنڌ هائيڪورٽ سنڌ حڪومت جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي، اي ڊي خواجا کي حتمي فيصلي تائين عهدي تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

  جسٽس منيب اختر پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ايڊووڪيٽ جنرل کي سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حتمي فيصلي تائين حڪمن جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته پوليس فورس جو آل پاڪستان سروس ۾ هئڻ تڪراري نه آهي.

جسٽس منيب فاروق چيو ته جيستائين حتمي فيصلو نٿو ٿئي اي ڊي خواجه کي ڪم جاري رکي.

جسٽس منيب اختر ايڊوڪيٽ جنرل کي چيو خيال رهي ته حڪم جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وڃي.

ايڊوڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ڪابينا آءِ جي کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيوآهي، ان بابت جواب پڻ داخل ڪرايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*