اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

liquat jatao imran khan

اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو، چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان چيو آهي ته هو سنڌ جي عوام کي وڌيڪ وقت ظالمن جي چنبي ۾ رهڻ نه ڏيندا.

اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ جهانگير ترين، ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ٻيا به موجود هئا.

ملاقات دوران لياقت جتوئي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ عمران خان کي  22 اپريل تي دادو ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني، جنهن ۾ سندس حامي به تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪندا.

ان موقعي تي لياقت جتوئي جو چوڻ هو ته سنڌ جو عوام ظلم ۽ ناانصافين کان تنگ آهي ۽ متبادل جي ڳولا ۾ آهي.

عمران خان پارٽي ۾ شموليت تي لياقت جتوئي جي آجيان ڪندي چيو ته هو سنڌ جي عوام کي وڌيڪ وقت ظالمن جي چنبي ۾ رهڻ نه ڏيندا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*