صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آدمشماري ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺڻ گهرجي

kharam pur

صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو آهي ته پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آدمشماري ۾ ڀرپور نموني سان حصو وٺڻ گهرجي.

ڪرمپور ۾ پنهنجي حامين جي ميڙ کي خطاب ڪندي مير هزار خان بجاراڻي چيو ته آدمشماري سنڌ جو اهم مسئلو آهي، تنهن ڪري سڀني ڌرين کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ گهر شماري دوران فارم پينسل سان ڀريا ويا، جيڪو غلط عمل آهي، ٻئي مرحلي ۾ جيڪڏهن ڪٿي اهڙي ڳالهه  نظر اچي ته فوري طور شڪايت ڪئي وڃي.

مير هزار خان بجاراڻي هدايت ڪئي ته سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ مادري ٻولي واري خاني ۾ سنڌي لکرائين…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*