پاڪ سرزمين پارٽي پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي

mustufa kamal

پاڪ سرزمين پارٽي پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته 2008ع کان سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي تباهه ڪيو ويو، هاڻ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم جي قائد، پارٽي ۽ حامين کي پ پ وٽ کپائي ڇڏيو.

هن چيو ته هاڻي هو احتجاج لاءِ ميدان تي نڪرندا يا سندن زندگي رهندي يا ڪراچي جي عوام جا مسئلا حل ٿيندا.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته سندن سياست جو مقصد مراعتون حاصل ڪرڻ نه پر عوام کي حق ڏيارڻ آهي.

ان موقعي تي انيس قائمخاني، ڊاڪٽر صغير احمد، اشفاق منگي ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*