سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته سڄي قوم کي پاناما ڪيس جي فيصلي جو بي چيني سان انتظار آهي

muhammad zubair

سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته سڄي قوم کي پاناما ڪيس جي فيصلي جو بي چيني سان انتظار آهي، راحيل شريف به ٻين جنرلز جيان جنرل هو، کيس خصوصي اهميت نه ڏيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري سمجهيو ته طالبان ختم ٿي ويا پر ايئن نه ٿيو.

سندس چوڻ هو ته متحده باني هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي، آپريشن کانپوءِ هاڻ سموريون جماعتون گڏجي به ڪراچي کي بند نٿيون ڪرائي سگهن.

گورنر چيو ته حقيقت اها آهي ته ڪراچي ۾ تبديلي نواز شريف جي ڪري آئي، هاڻ جيستائين ضروري هوندو رينجرز ڪراچي ۾ رهندي.

صحافي جي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ گورنر چيو ته سڄي قوم کي پاناما ڪيس جي فيصلي اچڻ جو بي چيني سان انتظار آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ محمد زبير چيو ته جنرل راحيل شريف به ٻين جنرلز جيان جنرل هو، کيس خصوصي اهميت ڏيڻ نه گهرجي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*