بلوچستان ۾ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 16 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

Quita

بلوچستان ۾ مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 16 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.  مستونگ ويجهو تيز رفتاري سبب مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ حبيب الله، موسيءِ خان، لال محمد، هجوم خان، غلام خان، زاهد حسين، سعيدالله، روبينا فوت ٿي ويا.  حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 کان وڌي مسافر زخمي ٿي پيا، جن کي مستونگ جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.  حادثي جي نتيجي ۾ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.  پوليس موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*