گمبٽ ويجهو گهر اندر گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا

Gambat

گمبٽ ويجهو گهر اندر گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.  ڳوٺ وانڍ مهر ۾ گهر اندر چانهه ٺاهڻ دوران گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 14 سالن جي نينگري عابده پروين ، نوجوان رياض مهر، 3 سالن جو ٻارڙو علي خان ۽ 2 سالن جو ٻارڙو فرحان سڙي زخمي ٿي پيا.  سڙي زخمي ٿيلن کي تعلقي اسپتال نيو ويو، جن مان عابده پروين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*