پشاور ايئرپورٽ تي اي ايس ايف ڪارروائي ڪري هيروئن اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو

Peshawar Airport

پشاور  ايئرپورٽ تي اي ايس ايف ڪارروائي ڪري هيروئن اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.  اي ايس ايف پشاور ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري مسافرن جي سامان جي جهڙتي ورتي،جنهن دوران هڪ مسافر جي بيگ مان 2 ڪلو 255 گرام هيروئن هٿ آئي.  اي ايس ايف عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدار غيرملڪي ايئرلائنز جي ذريعي قطر جي شهر دوحا وڃي رهيو هو.  اي ايس ايف عملدارن جو چوڻ آهي ته جوابدار هيروئن پنهنجي بيگ ۾ لڪائي پرڏيهه کڻي وڃي رهيو هو.  اي ايس ايف عملدارن  موجب، جوابدار کي حراست ۾  ورتو ويو آهي، جنهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*