سنڌ هاءِ ڪورٽ اين اي 209 تي شبير بجاراڻي جي جعلي ڊگري بابت درخواست رد ڪري ڇڏي

 سنڌ هاءِ ڪورٽ  اين اي 209 تي پ پ ايم اين اي شبير بجاراڻي جي جعلي ڊگري خلاف ڪارروائي روڪڻ واري سندس درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي قانون مطابق ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سجاد علي شاهه ۽ شوڪت علي ميمڻ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ جعلي ڊگري بابت ڪارروائي روڪڻ لاءِ شبير بجاراڻي جي درخواست رد ڪئي.

شبير بجاراڻي خلاف درخواست داخل ڪندڙ مير حسن کوسي پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته 2008 جي چونڊن ۾ بي اي جي ڊگري ڏيکارڻ تي سندس خلاف ڪارروائي ڪري نااهل قرار ڪري، مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي شبير بجاراڻي سندس خلاف اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي روڪڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دروخواست داخل ڪئي وئي، جنهن کي عدالت رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي قانون موجب ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

شبير بجاراڻي پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 2013 جي چونڊن ۾ بي اي ڊگري گهربل نه هئڻ ڪري ظاهر نه ڪئي، جنهن جي  بنياد تي  اليڪشن ڪميشن ۾ هلندڙ ڪارروائي روڪي  وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ شبير بجاراڻي جي ڪارروائي روڪڻ واري درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي قانون موجب ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*