سنڌ هاءِ ڪورٽ اوگرا، نيپرا، پي ٽي اَي ۽ پيمرا سميت 5 ريگوليٽري اٿارٽيز کي حڪومت جي ماتحت ڪرڻ واري فيصلي تي سمورين ريگوليٽرز اٿارٽيز ۽ ٻين ڌرين کي 13 اپريل تائين دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ اوگرا، نيپرا، پي ٽي اَي ۽ پيمرا سميت 5 ريگوليٽري اٿارٽيز کي حڪومت جي ماتحت ڪرڻ واري فيصلي تي سمورين ريگوليٽرز اٿارٽيز ۽ ٻين ڌرين کي 13 اپريل تائين دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اوگرا، نيپرا، پي ٽي اَي ۽ پيمرا سميت پنج ريگيوليٽري اٿارٽيز کي حڪومت جي ماتحت ڪرڻ واري فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار ايڊووڪيٽ عبدالوهاب بلوچ موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت جو پنج ريگوليٽري اٿارٽيز کي پنهنجي ماتحت ڪرڻ وارو فيصلو غير آئيني آهي.

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو آهي، تنهنڪري سمورن صوبن جي راضپي کانسواءِ وفاقي حڪومت فيصلو نٿي ڪري سگهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته وفاقي حڪومت جو 18 آڪٽوبر وارو اٿارٽيز کي ماتحت ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 13 اپريل تائين دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*