مورو پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن زخمي ڏوهارين سميت 5 ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

moro

مورو پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن زخمي ڏوهارين سميت 5 ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب قمرالدين چانڊيو لنڪ روڊ تي رند مُوري وٽ ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڦورن سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو.

            ڊي ايس پي عبدالله لاکير پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس جو گشت دوران رند موري وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڏوھاري محمد اسلم ۽ مير محمد چانڊيو کي زخمي ٿي پيا.

      هن چيو ته ٻنهي زخمي ڏوهارين سميت 5 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻين ڏوهارين ۾ عبيدالله، امداد ۽ سردار چانڊيو شامل آهن، جن وٽان ھٿيار به مليا آهن.

ڊي ايس پي عبدالله لاکير وڌيڪ چيو ته گرفتار ڏوهاري مختلف ٿاڻن تي پوليس کي گھربل آھن، جن خلاف ٻه درجن کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آھن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*