اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي به ڪنهن جا حق ڇنڻ نه ڏبا

asif zardardari

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي به ڪنهن جا حق ڇنڻ نه ڏبا، سوچڻو پوندو ته جبلن تي چڙهڻ سان ڪنهن جو فائدو ٿيو،  مار شلا جي مائينڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻ لاءِ 20 سال لڳندا.

جعفرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته سي پيڪ منصوبي بابت ڪجهه ماڻهن کي غلط فهميون هيون، بلوچستان ۾ ترقي جا سنهري موقعا پيدا ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته آدمشماري ۾ بلوچستان سان زيادتي ٿي رهي آهي، جبلن تي چڙهڻ سان ڪنهن جو نقصان ٿيو؟،  اسان کي پنهنجا حق زبردستي وٺڻا آهن.

هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان لاءِ بڻايو ويو آهي، بلوچستان جو مستقبل روشن آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته توهان پاڻ کي غلط استعمال ڪرڻ ڇو ٿا ڏيو، اسان مخالفن کي غدار چوڻ جو موقعو فراهم ڪيو، بلوچستان جي دوستن کي گمراهه ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته بلوچ عوام پاڻ کي غلط استعمال ٿيڻ کان بچائي، دنيا ۾ تبديليون اچن پيون، ضروري آهي ته دنيا سان گڏ هلجي.

آصف زرداري چيو ته ڪرپشن واري سوچ سبب هو پوئتي وڄي رهيا آهن، اسان جي ڌرتي سون آهي،بلوچستان سون آهي، ملڪ سون آهي.

هن چيو ته جيڪي گمراهه آهن، انهن کي چوان ٿو نقصان توهان جو ئي ٿيندو، اسان غربت مٽائينداسين، بلوچن کي طاقتور ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته کيس دوستن جي سهڪار جي ضرورت آهي،مون پنهنجي طاقت پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏي آهي، بلوچستان سان ايترو پيار آهي جيترو پاڪستان سان آهي

اڳوڻي صدر چيو ته بلوچستان جو عوام پاڻ کي غلط استعمال ٿيڻ کان روڪي، اڪثر ماڻهو پڇندا آهن ته آئون وزير اعظم ڇو نه ٿيس؟.

هن چيو ته هو بلوچستان ۾ انڊسٽريون لڳائيندو، دنيا ڏسي ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ڇا ٿي رهيو آهي، ڪشميرين تي ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي

آصف زرداري چيو ته سي پيڪ کي پاڪستان جي لاءِ ٺاهيو پيو وڃي،  ڀارتي وزير اعظم چوي ته هو اسان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*