ڪعبت الله جي امام شيخ صالح بن ابراهيم چيو آهي ته اسلام امن ۽ محبت جو دين آهي، قرآني تعليم تي عمل ڪري ئي مسئلن مان نڪري سگهجي ٿو

noshera namaz

ڪعبت الله جي امام شيخ صالح بن ابراهيم چيو آهي ته اسلام امن ۽ محبت جو دين آهي، قرآني تعليم تي عمل ڪري ئي مسئلن مان نڪري سگهجي ٿو.

نوشهره ۾ جي يو آءِ جي سئو سالا تقريب دوران ڪعبت الله شريف جي امام شيخ صالح بن ابراهيم جمعي جي نماز جي امامت ڪئي.

ڪعبت الله جي امام شيخ صالح بن ابراهيم جمعي جو خطبو ڏنو ۽ مسلمان امت جي سلامتي ۽ مسلمانن جي اتحاد لاءِ دعا ڪئي.

ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ڪعبت الله شريف جي امام جو چوڻ هو ته الله جو دين دنيا جو بهترين دين آهي، اسلام دنيا جو واحد مذهب آهي، جنهن ۾ دنيا جي هر مذهب جو احترام ڪيو وڃي ٿو.

شيخ صالح بن ابراهيم چيو آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي رسول پاڪ ۽ قرآن جي تعليم جي روشنيءَ ۾ اسان کي جيڪو درس ڏنو آهي، انهيءَ تي سختيءَ سان عمل ڪرڻو پوندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*