قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته 2014ع ۾ نوازشريف سرينڊر ڪري استيعفي ڏيڻ وڃي رهيو هو

National-Assembly-9816

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته 2014ع ۾ نوازشريف سرينڊر ڪري استيعفي ڏيڻ وڃي رهيو هو، احتجاج ڪندڙ کي پيپلزپارٽي ناڪام بڻائي پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام کي بچايو.

کاريان ۾ شادي جي تقريب ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز حڪومت ڌرڻن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا، پيپلزپارٽي ڌرڻن کي ناڪام بڻايو هو.

سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، دنيا ۾ هن چيو ته پيپلزپارٽي پارليامينٽ ۽ جمهوري نظام کي بچايو، نوازشريف ڌرڻن آڏو هٿيار ڦٽا ڪري چڪو هو.

خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي ڌرڻن جي سازش کي ناڪام بڻايو هو، 2014ع ۾  هنن جمهوري نظام کي بچايو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*