باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي

badah

باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ملڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

شهري اتحاد باڊهه جي سڏ تي شهرين دودي ديشي ، ڪامريڊ قادربروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊکڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باڊهه شهر جي آبادي هڪ لک کان وڌيڪ آهي ، پر اعلان باوجود ان کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويو آهي.

 هنن جو چوڻ هو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ان کان اڳ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر اڃان تائين ان جونوٽيفڪيشن جاري نه ڪيوويوآهي.

 احتجاج ڪندڙ شهرين باڊهه کي جلد تعلقو بڻائي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*