سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ ڪرپشن وڏا مسئلا آهن

jalal mehmood shah

  سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ ڪرپشن وڏا مسئلا آهن، صوبي جي بجيٽ 830 ارب روپيا آهي، ترقياتي ڪمن بدران ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا.

       سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جلال محمود شاهه چيو ته دهشتگردي شڪارپور کان شروع ٿي قلندر لال شهباز جي درگاهه تائين پهتي آهي، سنڌ حڪومت ايماندار آءِ جي کي هٽائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، پهريون ڀيرو پوليس کاتي ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ٿيون آهن.

         هن چيو ته سيوهڻ واقعو به پوليس ۾ ڪرپشن سبب پيش آيو آهي، درگاهه تي مقرر اهلڪارن رشوت ڏئي پاڻ کي ڊيوٽين کان آجو ڪري ڇڏيو آهي.

       جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ ۾ جيستائين ايس ايس پيز جون مقرريون آءِ جي نه ڪندو تيستائين پوليس کاتي ۾ بهتري ممڪن ناهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*