اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيي چيو آهي ته ن ليگ وارن طالبان جي ڇٽي هيٺان چونڊيون وڙهيون آهن

mola-bux-chandio

اڳوڻي صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيي چيو آهي ته ن ليگ وارن طالبان جي ڇٽي هيٺان چونڊيون وڙهيون آهن، سندن منشور ۾ ننڍن صوبن لاءِ ڪو به حصو ناهي،  گورنر ڪجهه به ڳالهائي سگهي ٿو، ان کي ڪير روڪيندو؟

کاريان ۾ شادي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيي چيو ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ جنم ورتو آهي ، سندن پنجاب اچڻ تي اعتراض ڇو ٿو ڪيو وڃي؟

سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي منشور ۾ ننڍن صوبن لاءِ ڪو به حصو ناهي، گورنر ڪجهه به ڳالهائي سگهي ٿو ان کي ڪير روڪيندو.

هن چيو ته ن ليگ وارن طالبان جي ڇٽي هيٺان چونڊيون وڙهيون هيون، ڪير آهي جنهن متحده خلاف وائٽ پيپر جاري ناهي ڪيو؟

مولابخش چانڊيي چيو ته راحيل شريف جي وقت هنن جي حڪومت ڇا هئي سڀني کي خبر آهي، سنڌ ۾ن ليگ وٽ هڪ ئي ايم اين اي هو جيڪو هاڻ پ پ ۾ اچي چڪو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*