وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو غلط نه پر درست ڪم کان روڪيندا آهن

chodhary nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو غلط نه پر درست ڪم کان روڪيندا آهن، ماضي جي حڪومتن جا ڪرپشن ۽ اسيڪنڊا سامهون آيا، الزام لڳائيندڙن ۽ ڪچرو  اڇلائيندڙن وٽ ڪجهه به ناهي بچيو.

راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ کي انجام تائين پهچايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته هر سٺي ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون وڃن ٿيون، حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي

هن چيو ته مسئلن جا انبار آهن، فوري طور حل نٿا ٿي سگهن، تقرير ڪرڻ آسان آهي، چريو ماڻهو به تقرير ڪري سگهي ٿو.

گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ کي انجام تائين پهچايو ويندو، ماضي  جي حڪومتن جا وڏا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون آيا.

هن چيو ته الزام لڳائيندڙن ۽ ڪچرو اڇلائيندڙن وٽ ڪجهه به ناهي بچيو، الزام لڳائيندڙن جو ڪو به علاج نه آهي.

چوڌري نثار چيو ته اڳ ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون روز ٿينديون پر ڪنهن جي به ڪن تي جونءَ نه چرندي هئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*