سي ٽي ڊي سنڌ پاران سيوهڻ سانحي ۾ ملوث ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي جوابدارن جي گرفتاريءَ تي 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

AIG-sanaullah-abbasi

سي ٽي ڊي سنڌ پاران سيوهڻ سانحي ۾ ملوث ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي جوابدارن جي گرفتاريءَ تي 50 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سي ٽي ڊي سربراهه ثناءُ الله عباسي چيو آهي ته سيوهڻ سانحي جي سهولتڪارن جي سڃاڻپ لاءِ نادرا کان به مدد ورتي وئي آهي.

ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي چيو ته سيوهڻ ڌماڪي جي ٻن سهولتڪارن جي سڃاڻپ ڪئي وئيآهي تمام جلد انهن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

ثناالله عباسي چيو ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي آپگهاتي بمبار ۽ سهولتڪارن جي سڃاڻپ ٿي.

هن چيو ته 16فيبروري جي وڊيو ۾ آپگهاتي بمبار کي ڏسي سگهجي ٿو سهولتڪارن جي گرفتاري ۾ مدد ڪندڙ کي 40 لک انعام ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*