ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نارٿ ناظم آباد ۾ پٽ سميت مارجي ويل متحده ايم پي اي ساجد قريشي جي قتل ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي چئن دهشتگردن تي فرد جرم لاڳو

ATC Karachiڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نارٿ ناظم آباد ۾ پٽ سميت مارجي ويل متحده ايم پي اي ساجد قريشي جي قتل ڪيس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي چئن دهشتگردن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن پاران ڏوهه باسڻ کان انڪار تي عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جاچ آفيسرن ۽ شاهدن کي طلب ڪري ورتو، جڏهن ته 5 مفرور دهشتگردن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو.  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ متحده ايم پي اي ساجد قريشي ۽ سندس پٽ وقاص قريشي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي چئن دهشتگردن ڪاظم علي شاهه، طلحه عرف وڪِي، شهاب عرف ڇوٽا ۽ عبيدالرحمان کي پيش ڪيو ويو.  جوابدارن عدلتي ڪمري ۾ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ته عدالت 19 اپريل تي جاچ آفيسرن ۽ گواهن کي طلب ڪندي 5 مفرور دهشتگردن کي اشتهاري قرار ڏيڻ ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  جوابدارن تي عطاءُ الرحمان عرف نعيم بخاري جي چوڻ تي نارٿ ناظم آباد ۾ متحده ايم پي اي ساجد قريشي ۽ سندس پٽ وقاص قريشي کي قتل ڪرڻ جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*