نوابشاهه ۾ سرڪاري وڪيلن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

nawabshah

نوابشاهه ۾ سرڪاري وڪيلن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.  وڪيلن ۽ سندن ماتحت عملي سمون خان جمالي، مقبول سومرو، شوڪت کهڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته کين ملندڙ پگهارون ۽ مراعتون ٻئي عدالتي عملي جي ڀيٽ ۾ گهٽ ملي رهيون آهن.  هنن چيو ته سندن احتجاج 52 ڏينهن کان هلي رهيو آهي پر مطالبا نه مڃيا ويا آهن، هنن مطالبو ڪندي چيو ته مراعتون ۽ پگهارون ٻئي عدالتي عملي برابر ڪري سروس اسٽرڪچر ٺاهيو وڃي ۽ پروموش ڏنا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*