ڪراچي ۾ هٿياربند ڪلفٽن واري علائقي ۾ صوماليا جي اعزازي قونصل خاني مان ڦرلٽ

somali consulate

ڪراچي ۾ هٿياربند ڪلفٽن واري علائقي ۾ صوماليا جي اعزازي قونصل خاني مان ڦرلٽ ڪري ڪمپيوٽر ۽ سي سي ٽي وي جو رڪارڊ کڻي ويا.  صوماليا جي قونصليٽ جو چوڻ هو ته 7 هٿياربندن قونصل خاني ۾ داخل ٿي گارڊن کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڪمپيوٽر ۽ سي سي ٽي وي جي رڪارڊ سميت ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا.  واقعي جو آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه نوٽيس ورتو ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ کان رپورٽ طلب ڪري ايس ايس پي کي فوري طور جوابدار گرفتار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.   آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جو چوڻ هو ته رپورٽ ۾ ان علائقي ۾ پوليس جي گشت جو ڄاڻايو وڃي ۽ ايس ايس پي کي  جوابدارن جي گرفتاري جو ٽاسڪ ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*