ميرپور ماٿيلي ۾ گم ٿيل نينگر جو لاش گٽر ۽ ٽنڊي ڄام ڀرسان گم ٿيل ٻارڙي جو لاش پاڻي جي کڏ مان مليا آهن

mirpurmathelo budi foot

ميرپور ماٿيلي ۾ گم ٿيل نينگر جو لاش گٽر ۽ ٽنڊي ڄام ڀرسان گم ٿيل ٻارڙي جو لاش پاڻي جي کڏ مان مليا آهن، جنهن بعد سندن  گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.  ميرپور ماٿيلي جي ليبر ڪالوني واري علائقي ۾ نينگر عذير احمد سومرو گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنهن جو گٽر مان لاش مليو آهي، نينگر جو لاش سندس گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.  فوتي نينگر جي والد جمن سومري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پٽ عذير سومرو گذريل ڏينهن گم ٿي ويو، ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود ڪٿي به ڏس پتو نه مليو هو، جنهن جو اڄ گٽر مان لاش مليو آهي.  ٻئي طرف شهرين جو چوڻ هو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ گٽرن جا منهن کليل هئڻ ڪري کين هر وقت خطرو هوندو آهي، ڪٿي به ٻار گٽر ۾ ڪري سگهن ٿا، ٽائون انتظاميه کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.  ٽنڊي ڄام ڀرسان ڳوٺ حيات ڀٽي مان هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل نينگري ريما ڌيءَ علي احمد ڀٽي جو لاش ڳوٺ ڀرسان پاڻيءَ جي کڏ مان لاش هٿ آيو، جنهن بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*