وزير اعظم نواز شريف سان امام ڪعبه شيخ صالح بن طالب ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن

Imam Kaba with nawaz

وزير اعظم نواز شريف سان امام ڪعبه شيخ صالح بن طالب ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن.  وزير اعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسلام جي پيغام کي پوري دنيا ۾ ڦهلائڻ جي ضرورت آهي.  وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪعبه الله شريف جي ڪري پاڪستان جي عوام جو سعودي عرب ۽ عوام سان گهرو واسطو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*