ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

Case on pti

ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عارف علي، ايم پي اي خرم شير زمان، ثمر علي خان ۽ سيمي ضياءَ سميت تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي درخشان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  ڪلفٽن ڪنٽونمنٽ بورڊ عملدارن جي فرياد تي درخشان ٿاڻي تي پي ٽي آءِ جي چونڊيل نمائندن ۽ اڳواڻن تي ڪيس داخل  ڪيو ويو.  گذريل ڏينهن پاڻي جي کوٽ خلاف ڊفينس جي رهواسين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن تي ڪيس ۾ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ سميت ٻيا قلم لاڳو ڪيا ويا.  درخشان ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ قلم  147، 149، 186، 452، 427 ۽ 506 لڳايا ويا  آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*