دادو پوليس بلوچستان جي علائقي لسٻيلي ۾ ڪارروائي ڪري 3 روپوش اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

Dadu Police

دادو پوليس بلوچستان جي علائقي لسٻيلي ۾ ڪارروائي ڪري 3 روپوش اشتهاري ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي شبير سيٺار چيو آهي ته پوليس بلوچستان ۾ ڪارروائي ڪري رياض بروهي، غفار ۽ حميد بروهي کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪي قتل، اغوا، ڦرن ۽ ڌاڙن سميت مختلف وارداتن ۾ گهربل هئا.  ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ٽيئي جوابدار ڏوهي وارداتون ڪرڻ بعد بلوچستان فرار ٿي ويندا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*