سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به باهه جا واقعا رونما ٿيا، فريد آباد ۽ ڇاڇري ويجهو باهه سبب 11 ڄڻن جا گهر سڙي ويا آهن

fire in sindh hosues

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ به باهه جا واقعا رونما ٿيا، فريد آباد ۽ ڇاڇري ويجهو باهه سبب 11 ڄڻن جا گهر سڙي ويا آهن.  فريد آباد ويجهو  ڳوٺ ڀنڀا ڏيرا ۾  امداد ڏيرو، ميهر علي، حاجن، قيصر ۽ رانجهن جي گهرن کي اوچتو باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ڇاڇرو ڀرسان ڳوٺ ڪانٽيو جي نهڙي پاڙي ۾ انور، ڀائي خان، غلام رسول، حنيف، مير محمد ۽ محمد رحيم سميت 6 ڄڻن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب  گهرن ۾ پيل سمورو گهرو سامان سڙي رک ٿي ويو، گهرن کي باهه سبب کلي آسمان ويٺل متاثرن وسن وارن کان واهر جي اپيل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*