روهڙي ويجهو ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي نينگريءَ فوت ٿي وئي

Rohri

 روهڙي ويجهو ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ٽڪر جي نتيجي  ۾ 8 ورهين جي نينگريءَ  فوت ٿي وئي ، ڊرائيورموقعي تان فرار ٿي ويو.  ڳوٺ ميوي فقير زنگيجي ۾تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪرلڳڻ سبب 8 ورهين جي نينگريءَ راڻيءَ سخت زخمي ٿي پئي  جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي وئي.  جھانگيئڙو پوليس نينگريءَ جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ روهڙي جي تعلقي اسپتال پهچايو ، جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد  لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا.  ان موقعي تي نينگريءَ جي وارثن ٻڌايو ته  راڻي ڪا چيز وٺڻ لاءِ گهر مان ٻاهر نڪتي ته تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي ٽڪر هنيو ، جنهن ۾ هو فوت ٿي وئي.   جھانگيئڙو ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بعد ٽريڪٽر ٽرالي  جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويوآهي ، جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ ورتي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*