ملير پوليس احسن آباد ۾ ڪارروائي ڪندي خالي پلاٽ ۾ پوريل هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي

malir rao anwar

ملير پوليس احسن آباد ۾ ڪارروائي ڪندي  خالي پلاٽ ۾ پوريل هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪري ورتو آهي.   ايس ايس پي رائو انوار چيو آهي ته هٿ آيل هٿيار ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٻن سيڪٽر انچارجز پاران لڪايا ويا هئا.  رائو انوار چيو ته هٿيار شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ سيمت ٻين ڏوهن لاءِ استعمال ٿيڻا هئا. ايس ايس پي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي، جتان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي چيو ته  هٿيار ۾ ايس ايم جيز، بارود ۽ ٻيا هٿيار شامل آهن، جيڪي ايم ڪيو ايم لنڊن جي 2 سيڪٽر انچارجن لڪايا هئا، هن چيو ته هٿيار ايم ڪيو ايم باني جي هدايت تي لڪايو ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*