ٿر جي سونهن مورن ۾ بيماري تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر جي ٻن ڳوٺن ۾ وڌيڪ 20 مور مري ويا
ٿر جي سونهن مورن ۾ بيماري تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر جي ٻن ڳوٺن ۾ وڌيڪ 20 مور مري ويا. ڏيپلو جي ڳوٺ ڏيڙو ۾ 10 موري مري ويا، ڳوٺاڻن محمد رحيم هالو، محمد صالح ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪيترائي مور اڃ به بيماري ۾ ورتل آهن، پر وائيلڊ لائيف جي ڪابه ٽيم ناهي پهتي. ننگرنپاراڪر جي ڳوٺ پاٽيا ۾ پڻ 10 مور مري ويا آهن. ڳوٺاڻن موجب وائيلڊ وائيف کاتي نه ڪا ٽيم موڪلي آهي ته نه ئي ڪو تحرڪ ورتو آهي. ٿر ۾ گذريل ڏيڍ مهيني دوران 15 کان وڌيڪ مختلف ڳوٺن ۾ ڏيڍ سئو کان مٿي مور مري ويا آهن.