اسپيڪر کي ڪورم پورو نه هئڻ جي صورت ۾ اجلاس ملتوي ڪرڻ جا اختيار هوندا آهن نثار کهڙو

وزيراعظم نواز شريف جي آمد ۽ ڪورم پورو نه هئڻ سبب سنڌ اسيمبلي جو سومر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، صوبائي وزير نثار کهڙي چيو آهي ته اسپيڪر کي ڪوروم پورو نه هئڻ جي صورت ۾ اجلاس ملتوي ڪرڻ جا اختيار هوندا آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سينيئر وزير نثار احمد کهڙي ۽ مڪيش ڪمار چاولا سميت رڳو 3 ميمبر موجود هئا.

 ايوان ۾ سينيئر وزير نثار احمد کهڙي ڪورم پورو نه هئڻ جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي اسپيڪر پاران اجلاس سومر تائين ملتوي ڪيو ويو.

اسيمبلي قانونن موجب، ميمبرز نه هئڻ تي گهنٽيون وڄايون وينديون آهن پر اسپيڪر رڳو ٽن منٽن اندر ئي اجلاس ملتوي ڪيو.

سنڌ اسميبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيدي نثار کهڙي چيو ته اسپيڪر کي ڪوروم پورو نه هئڻ جي صورت ۾ اجلاس ملتوي ڪرڻ جا اختيار هوندا آهن، اسپڪير هڪ ڀيرو گهنٽي وڄائي اجلاس ۾ ميمبرن جي غير موجودگي جي نشاندهي ڪندو، جنهن کانپوءِ هو اجلاس ملتوي ڪري سگهي ٿو.

        واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاران وڏي وزير خلاف استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي وئي هئي، جنهن سبب اڄوڪي اجلاس ۾ گرما گرم بحث ٿيڻ جو امڪان هو پر اسپيڪر ڪارروائي هلائڻ بدران اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*