لعلو رائنڪ ۾ سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري بجلي جي بحالي لاءِ نعريبازي ڪئي

Sepco

لعلو رائنڪ ۾ سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري بجلي جي بحالي لاءِ نعريبازي ڪئي.   وارھ جي شهرين سندن  چئن  پاڙن جي بجلي بند هئڻ خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو.  ان موقعي تي شهرين چيو ته  مٺا  ڪالوني،  لطيف  ڪالوني،  ميرن  جو  ڪوٽ ۽ سومرا  پاڙي   جي  بجلي جا    ٽرانسفارمر گذريل 4 مهينن کان سڙيل آهن، جنهن جي ڪري هزارين شهري بجلي کان محروم آهن.   احتجاج ڪندڙن چيو ته بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود سيپڪو عملدار نوان ٽرانسفارمر لڳائڻ لاءِ تيار نه آهن .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*