پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز حڪومت پاران ملڪ تي مجموعي قرض ۾ 35 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي

bilawal

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز حڪومت پاران ملڪ تي مجموعي قرض ۾ 35 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، حڪومت جعلي منصوبا ڏيکاري اربين روپيا مهم ۾ خرچ ڪري رهي آهي.  لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پنجاب ۾ نواز ليگ حڪومت پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪو غلط عمل آهي.  هن چيو ته پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سندن جدوجهد جو سلسلو جاري رهندو.  بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته سندن جدوجهد ڪرسي لاءِ ناهي پر هو نظرين لاءِ  جنگ وڙهي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*