شهدادڪوٽ ۾ ليدي هيلٿ ورڪرز طرفان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

Shadpur

شهدادڪوٽ ۾ ليدي هيلٿ ورڪرز طرفان  پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.  ليڊي هيلٿ ورڪرز زرينه جروار، شبانه هڪڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقي اسپتال شهدادڪوٽ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻوهنيو.  احتجاج ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو چوڻ هو ته کين 4 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جنهن ڪري هو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.  هنن مطالبو ڪيو ته کين 4 مهينن جون  رهيل پگهارون ڏنيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*