وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته عدليا جي فيصلن تحت رياستي ادارن کي ڌاڙيلن، چورن ۽ ڊيفالٽرز ۾ هٿ وجهڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي

khuwaja saad rafiq

وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو  آهي ته عدليا جي فيصلن تحت  رياستي ادارن کي ڌاڙيلن، چورن ۽ ڊيفالٽرز ۾ هٿ وجهڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.  لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته تنقيد ڪرڻ مخالفن جو حق آهي پر مخالفن کي  اسان تي تنقيد ڪرڻ وقت اسان جيڪو ڪم ڪيو آهي  ان جو به ذڪر ڪرڻ گهرجي.  خواجه سعد رفيق چيو ته عدليا جي فيصلن تحت  رياستي ادارن کي ڌاڙيلن، چورن ۽ ڊيفالٽرز ۾ هٿ وجهڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته پاڪستان ريلوي کي وڏي مشڪل کان ٻاهر ڪڍيو آهي ۽ ايندڙ سال ريلوي 50 ارب رپين جي منافعي جو حدف پورو ڪندو.  خواجه سعد رفيق چيو ته ريلوي جي سيفٽي لاءِ ڪجهه قدم کڻي رهيا آهيون جن تي جلد عملدرآمد ڪنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*