وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪجهه پارٽيون سياست جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائن پيون

chodhary nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ڪجهه پارٽيون سياست جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائن پيون، سياست جي نالي تي ڪرپشن ڪندڙ جمهوريت جا دشمن آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته  اسان جي حڪومت وڏن بحرانن کي منهن ڏنوآهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته عوام جي خدمت ڪندڙن ۽ مفاد پرستن ۾ وڏو فرق آهي، ڪرپٽ عنصر ڪنهن به سياسي پارٽي سان سچا نه ٿا ٿي سگهن. چوڌري نثار چيو ته ڪجهه پارٽيون سياست جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائن پيون، سياست جي نالي تي ڪرپشن ڪندڙ جمهوريت جا دشمن آهن. هن چيو ته گذريل حڪومت عوام کي لٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ناهي ڪيو، پ پ جي دور ۾ دهشتگردي، لوڊشيڊنگ جي حل لاءِ ڪا به پاليسي نه ٺاهي وئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته چونڊيل نمائندا عام ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*