قمبر ويجهو پلاٽ ۽ پاڻي نيڪال جي معاملي تان ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن

Qambar Murder

قمبر ويجهو پلاٽ ۽ پاڻي نيڪال جي معاملي تان ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن، واقعي بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن.  ڳوٺ آبڙي ۾ پلاٽ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جي معاملي تان ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني.  فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جو نوجوان احمد علي ڀٽو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته ٻئي ڌر جو محمد يعقوب ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال نيو ويو، جتي هن زخمن جي سٽ نه سهي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.  مقتول نوجوانن جا لاش قمبر اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا.  واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*