مصر جي اترين ريگستاني علائقي ۾ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 25 مصري فوجين سميت 26 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا

مصر جي اترين ريگستاني علائقي سينا ۾ ڪيترن ئي بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ 25 مصري فوجين سميت 26 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا، ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب سينا جي گادي واري شهر العريش ۾ شدت پسندن ڪار بم ڌماڪن ۽ مارٽر گولن سان فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 25 مصري فوجين سميت 26 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ان کانسواءِ شيخ زواهد ۽ رفع وارن علائقن ۾ به شدت پسندن پاران پرتشدد ڪارروايون ڪيون ويون.

مصري عملدارن موجب شدت پسندن پاران العريش ۾ فوجي اڏي جي ٻاهران ڪار بم ڌماڪا ڪيا ويا ۽ فوجي هوٽل، پوليس جي ڪلب ۽ 12 کان وڌيڪ چيڪ پوسٽس تي مارٽر گولا فائر ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ ٻئي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو.

خابرو اداري موجب حملن کانپوءِ مصري فوج آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي پر علائقي ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال اڃا بهتر ناهي ٿي سگهي.

واضح رهي ته 2013ع ۾ مصري صدر محمد مرسي جو تختو اونڌو ٿيڻ بعد مصر ۾ پرتشدد ڪاررواين ۾ اضافو ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*