ٺاروشاهه ويجهو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ڏوهاري الطاف عرف مٽو سيال مارجي ويو

Tharo shah mukablo

ٺاروشاهه ويجهو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ڏوهاري الطاف عرف مٽو سيال  مارجي ويو، پوليس موجب ڏوهاري الطاف عرف مٽو سيال خلاف مختلف ضلعن جي ٿاڻن تي 22 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.  پوليس موجب ڳوٺ نوازيو ڀان لنڪ روڊ تي 3  ڏوهاري ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هئا ته گشتي پوليس جي ٽيم پهچي وئي، مقابلي ۾ ڏوهاري الطاف سيال عرف مٽو مارجي ويو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا آهن.  پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري الطاف سيال عرف مٽو خلاف لاڙڪاڻي، دادو ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي مختلف ٿاڻن تي 22 کان وڌيڪ قتل، اغوا ۽ ڦرن جا ڪيس داخل آهن. ٻئي طرف اسپتال ۾ لاش وصول ڪرڻ لاءِ آيل مسمات ڪبريٰ سيال صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندس مڙس الطاف سيال عرف مٽو کي گذريل ڏينهن پوليس گرفتار ڪيو هو، رات جو ڪوڙي مقابلو ڪري کيس ماريو ويو آهي.  مسمات ڪبريٰ سيال وڌيڪ چيو ته سندس مڙس الطاف سيال عرف مٽو تي پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا هئا، جن خلاف عدالتن ۾ درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*