ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ ۾ بابر اعظم جي شاندار سنچري ۽ حسن جي بهترين بالنگ

Babar azam

ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ ۾ بابر اعظم جي شاندار سنچري ۽ حسن جي بهترين بالنگ سبب قومي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 74رنز تان شڪست ڏئي سيريز هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪري ورتي آهي، سيريز جي آخري ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.  ويسٽ انڊيز جي شهر گيانا ۾ کيڏي ويل ٻين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڪپتان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.  قومي ٽيم مقررره 50 اوورس ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 282رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ بابر اعظم 125رنز جي شاندار اننگ کيڏي،جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽7 چونڪا شامل هئا، محمد حفيظ 32، ڪامران اڪمل 21،سرفرازاحمد 26،احمد شهزاد 5 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو،جڏهن ته عماد وسيم 43رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.  ويسٽ انڊيز پاران گيبريئل ٻه، جڏهن ته جوسف،بشو ۽ايشلي نرس هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 283رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ 44 ڏهائي 5 اوورس ۾ صرف 208رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.  ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاران جيسن هولڊر68،ايشلي نرس 44رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.  پاڪستان پاران حسن علي شاندار بالنگ جومظاهرو ڪندي38 رنز عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، محمد حفيظ ٻه، جڏهن ته شاداب خان، محمد عامر ۽جنيد خان هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.  بابر اعظم کي بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*