پنجاب پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مختلف شهرن ۾ ڪارروائي ڪري ٽن مبينا دهشتگردن سميت 40 شڪي ماڻهن کي گرفتار

Punjab-Police-2816

پنجاب پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مختلف شهرن ۾ ڪارروائي ڪري ٽن مبينا دهشتگردن سميت 40 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.  سي ٽي ڊي ملتان ۾ ناردرن باءِ پاس تي ڪارروائي ڪري ٽن مبينا دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، سندن تعلق پابندي مڙهيل تنظيم سان ٻڌايو پيو وڃي. سي ٽي ڊي موجب، حراست ۾ ورتل دهشتگرد  دهشتگردي جي منصوبا بندي ڪري رهيا هئا.  لوڌران واري علائقي ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري چار شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.  رحيم يار خان ۾ به پوليس سرچ آپريشن ڪري 9 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.  حافظ آباد جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن جي  اهلڪارن ڪارروائي ڪري ٻن جعلي پيرن سميت 30 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.  ملتان جي شوڪت شهيد ڪالوني مان پيرسن جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو، جنهن کي پوليس اسپتال منتقل ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*