سيالڪوٽ ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 2 فرار ٿي ويا

sialkot Pak

سيالڪوٽ ويجهو مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا ۽ 2 فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري ٻن ڀائرن جي قتل ۾ ملوث هئا.  پوليس ۽ هٿياربندن وچ ۾مبينا مقابلي ۾  2 ڏوهاري انعام مصطفيٰ ۽ عبدالرحمان مارجي ويا.

پوليس موجب، مارجي ڏوهارين وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندن 2 ساٿي فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.  پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري ٻن ڀائرن جي قتل ۾ ملوث هئا جن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*