وزيراعظم نواز شريف ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي

         وزيراعظم نواز شريف، ايم ڪيو ايم ڪارڪنن سهيل احمد، فراز ۽ ريحان جي وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث عنصرن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو، ڪارڪنن جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.

         وزيراعظم نواز شريف ڪراچي ۾ گونر هائوس ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن جي وارثن سان ملاقات ڪري کين قتل جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

            وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث عنصرن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو ۽ معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي ويندي.

       وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ بڻائي مستقل طور تي امان امان برقرار  ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*