وزيراعظم نواز شريف آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ زخمي شاگرد لاءِ 3 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪري ڇڏيا

وزيراعظم نواز شريف، پشاور ۾آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ زخمي ٿيل شاگرد احمد نواز جي پرڏيهه ملڪ مان علاج لاءِ 3 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

16 ڊسمبر تي پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ زخمي ٿيل شاگرد احمد نواز جي طبعيت ۾ سڌارو ناهي آيو، جنهن سبب کيس علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد وزيراعظم نواز شريف شاگرد جي علاج لاءِ 3 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، رقم ملڻ بعد زخمي شاگرد احمد نواز کي علاج لاءِ پرڏيهه ملڪ موڪليو ويندو، سندس علاج آمريڪا يا برطانيه مان ڪرائڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي گذريل سال 16 ڊسمبر تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ شاگردن ۽ پرنسپل سميت 144 ڄڻا شهيد ٿيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*