خيبر ايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي جي تيره ماٿري جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا.

خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جو آپريشن خيبر ون ڪاميابي سان جاري آهي.

سڪيورٽي ذريعن موجب، تيره ماٿري جي علائقي اڪا خيل ۽ سپاهه ۾ فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي گولاباري ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٿاڪن اندر موجود 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا آهن.

گولاباري بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي وڌيڪ ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن تيز ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*