ڪعبي جي امام شيخ صالح بن ابراهيم چيو آهي ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪو به واسطو نه آهي

Imam kaba

ڪعبي جي امام شيخ صالح بن ابراهيم چيو آهي ته دهشتگردي جو اسلام سان ڪو به واسطو نه آهي، حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ پاڪستان جو ڪردار مثالي آهي.  لاهور ۾ عالمن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي شيخ صالح بن ابراهيم چيو ته پاڪستان جو حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ  ڪردار مثالي آهي.  هن چيو ته دعا آهي ته پاڪستان هر قسم جي سازشن کان محفوظ رهي ۽ الله پاڪستان کي تعصب کان به بچائي.  ڪعبي جي امام دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي دهشتگردي ۽ دشمنن کان به محفوظ رکي.  هن چيو ته دهشتگردن جو اسلام سان ڪو به تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستان ۽ سعودي کي نشانو بڻائي رهيا آهن، الله ٻنهي ملڪن کي محفوظ رکي.  شيخ صالح بن ابراهيم چيو ته سنت نبوي ئي اصل نور آهي، حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ پاڪستان جو ڪردار مثالي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*